جواهر مهره

جواهر مهره: هيءَ يوناني دوا رئيس عضون کي طاقت ڏيڻ سميت حافظي کي تيز ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ هيءَ دوا رت جي گهٽ حرارت ( لو بلڊ پريشر) ۽ دل جي تڪليف (ڌڙڪي) لاءِ پڻ فائديمند آهي. هن جي ٺاهڻ ۾ مرجان جي پاڙ، طباشير، جروار، زمرد، زهر مهرو، شاخ مرجان، فيروزو، ڪهر باشمعي، لاجورد، موميائي، نيلم، چانديءَ جا ورق، يشب سبز، مصطڪي، 25، 25 گرام، عقيق، موتي 50 گرام ، ياقوت سخت 125 گرام، سون جا ورق 8 گرام، عنبر 30 گرام، مشڪ 2 گرام، عرق گلاب 750 ملي ليٽر ۽ گيهه 2 گرام کڻي سڀ کان پهرين طباشير ۽ جواهرن کي ڌار ڌار نموني سان بنهه سنهو پيهي، سڀني کي ملائي ڇاڻبو آهي ۽ بعد ۾ کرل ڪبو آهي. کرل ڪرڻ وقت چانديءَ ۽ سون جا ورق ٿورا ٿورا ملائبا وڃبا آهن ۽ عرق گلاب به وجهبو وڃبو آهي، بعد ۾ مصطڪي، موميائي، عنبر، گيهه گرم ڪري حل ڪبو آهي ۽ آخر ۾ وري مشڪ گلابن جي عرق ۾ حل ڪري کرل ۾ وجهي ٻيهر کرلن کي بلڪل خشڪ ڪبو آهي. ان کان پوءِ ان خشڪ ٿي ويل مادي کي سنهي ململ جي ڪپڙي ۾ ڇاڻي رکبو ۽ استعمال ڪبو آهي. هيءُ نسخو همدرد دواخاني پاران تيار ڪري بازار ۾ پڻ وڪڻڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو